پاڪستان جو جديد ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ اڄ پاڪستاني وقت موجب صبح 8 کان 9 وڳي جي وچ ۾ چين جي شيچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلاءِ ۾ ڪاميابي سان روانو ٿي ويو پاڪستان جي خلائي جاچ اداري سپارڪو جي ماهين ۽ سائنسدان چيني لانچ سينٽر ۾ موجود آهن ته جيئن مشن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجي. سپارڪو موجب اهو سيٽلائيٽ پاڪستان جي خلائي پروگرام ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ۽ ٽيڪنيڪي خودانحصاري طرف وڏو قدم آهي لانچ جي خصوصي تقريب سپارڪو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ لائيو ڏيکاري وئي جڏهن ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ياسر جو وڊيو پيغام به چين مان نشر ڪيو ويندو. سپارڪو جي ترجمان موجب ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي مدد سان پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، شهري پکيڙ جي نگراني ۽ قدرتي آفتن جهڙي ٻوڏ، زميني کسڪاءُ ۽ زلزلن بابت وقت تي آگاهي سامهون اچي سگهندي ماهرين جو چوڻ آهي ته اهو سيٽلائيٽ نه صرف جغرافيائي خطرن جي وقت تي نشاندهي ڪندو پر انهي کي سي پيڪ جهڙي اهم ترقياتي منصوبن ۾ به موثر مدد جي طور تي استعمال ڪري سگهبو. ڊي جي سپارڪو افتخار ڀٽي انهي موقعي تي چيو ته اهو خوشي جو موقعو آهي ته پاڪستان جي اسپيس تحقيق طرف هڪ وڏو قدم آهي. اڄ جو اهو سيٽلائٽ لانچ پاڪستان جي قابليت جو اهم ثبوت آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، اهو سيٽلائيٽ اسان کي زراعت ۽ زميني حقيقتن ۾ اهم مدد ڏيندو ترجمان سپارڪو ٻڌايو ته اهو پاڪستان جو ٻيو ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ آهي، پهريون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ 2018 ۾ چين جي سيٽلائٽ لانچ سينٽر سان اماڻيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته هن وقت پاڪستان جا 5 سيٽلائيٽ خلا ۾ موجود آهن.