پاڪستان جو ڪاربان اخراج هڪ سيڪڙو کان به گهٽ، پر ٻوڏن جو وڏو خطرو: اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربان جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر ملڪ کي ٻيهر خطرناڪ ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انٽر پارليماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا غير حل ٿيل تڪرار عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، جڏهن ته پاڪستان هميشه تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏيندو رهيو آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته امن، استحڪام ۽ ترقي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ پارليماني سفارتڪاري گڏيل احترام ۽ رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي اقتصادي نظام ۾ بنيادي سڌارن جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ماحولياتي انصاف لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ ضروري آهي.