پاڪستان جي ايشيا يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پهرين ڪاميابي

پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ سعودي عرب کي 15-71 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي ڏکڻ ڪوريا جي شهر جيونجو مان مليل رپورٽن موجب، پاڪستاني رانديگرن حریف ٽيم خلاف هڪ طرفي ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. پاڪستان جي ليا رضا شاهه، عليشه، سميعه، حليمه، سرينه، جيسمين، فرخ رشيد ۽ پريسه سٺي راند کيڏي، پاڪستان ليگ جي ٻي ميچ سڀاڻي تائيوان خلاف کيڏندو،ٽئين ميچ ڪوريا سان 29 جون تي ٿيندي.  پاڪستان  چوٿين ۽ پنجين  ميچ جاپان ۽ مالديپ سان 30 جون ۽ 1 جولاءِ تي کيڏندو.