1986 ۾ جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو جنرل ضياء الحق جي دور ۾ جلاوطني ختم ڪري لاهور پهتي تہ سڄو لاهور پ پ جي جهنڊن سان سينگارجي ويو ۽ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. ان وقت جنرل ضياء الحق جي مارشل لا کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو؛ پوء جنرل ضياء اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ٿيو. 1988 ۾ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون محترمہ بينظير ڀٽو اسلامي جهموريہ پاڪستان جي وزير اعظم بڻجي وئي؛ اهو اعزاز بہ محترمہ بينظير ڀٽو جي نالي ٿيو. ان اليڪشن ۾ بہ پ پ پ جي مينڊٽ کي چوري ڪيو ۽ محترمہ ڪمزور مينڊٽ سان وزير اعظم بڻي. اڌائي ٽن سالن کان پوء ڊڪٽيٽر جي پاس ڪيل آئين 58 بي جي ذريعي صدر فاروق احمد لغاري محترمہ جي جهموري حڪومت کي ختم ڪيو. پوء نواز شريف ملڪ جو وزير اعظم بڻيو؛ ان جي حڪومت کي ٽن سالن جي عرصي تائين هلڻ کان پوء ختم ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوء 2007 تائين ائين ئي سلسلو هلندو رهيو. جهموريت ڪڏهن بہ پنج سال نہ هلي سگهي. وري 1999 ۾ جنرل مشرف جبري مارشل لا لڳائي؛ حڪومت جون واڳو سنڀاليون. عدليا سڳوري هميشہ ڊڪٽيٽرشپ جي سهولتڪار بڻي. ان وقت جي ججن آئين کي ري رائيٽ ڪري جنرل مشرف کي طاقتور بڻايو. پوء محترمہ بينظير ڀٽو کي جبري جلاوطنيء تي مجبور ڪيو ويو. ان وقت نواز شريف کي جنرل مشرف هاء جيڪنگ ڪيس ۾ جيل اماڻي ڇڏيو؛ جيڪو ڪيس ڦاسيء جي برابر هيو. پوء نواز شريف جي گهرواري محترمہ ڪلثوم نواز مڙس کي بچائڻ لاء ميدان ۾ نڪتي. آخرڪار صعودي عرب جي مهربانين سان نواز شريف مشرف حڪومت سان ڊيل ڪري جلاوطني اختيار ڪئي. ان وقت مشرف جا ساٿاري اهو راڳ آلاپيندا رهيا تہ هاڻي پاڪستان جون ٻئي وڏيون پارٽيون ختم شدہ آهن؛ هاڻي اهي پارٽيون ڪڏهن بہ اقتدار ۾ نہ اينديون. محترمہ بينظير ڀٽو هميشہ جهموريت جي جنگ وڙهندي رهي پوء ڊڪٽيٽر ضياء جو دور هجي يا ڊڪٽيٽر مشرف جو دور هجي. جلاوطنيء جي دوران محترمہ بينظير ڀٽو محمد نواز شريف جي لنڊن ۾ ملاقات طئي ٿي جنهن ۾ ڪيل پوئين غلطين جي معافي تلافي ٿيون. پوء محترمہ بينظير ڀٽو نواز شريف کي ميثاق جهموريت جي مسودي تي آماده ڪيو. جيڪو مسودو ملڪ ۾ مارشل لا کي روڪڻ ۽ ملڪ جي ترقيءَ جو ظامن هيو. پوء ميثاق جهموريت جي مسودي کي تيار ڪرڻ ۾ خود محترمہ بينظير ڀٽو ۽ سيد غوث علي شاھ صاحب جو اهم ڪردار هيو. 2006 ۾ ميثاق جهموريت جي مسودي تي سڀني پارٽين اتفاق راء سان صحيح ڪيون. تڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي جو واڳون مخدوم امين فهيم جي حوالي هيون. ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف سان مخدوم امين فهيم صاحب جا ذاتي تعلقات گھرا هيا. مشرف صاحب مخدوم امين فهيم کي وزير اعظم جي بہ پڻ آڇ ڪئي پر مخدوم امين فهيم مشرف جي ان آڇ کي رد ڪيو ۽ محترمہ سان خوب وفا نڀائي؛ ائين کڻي چئجي تہ مرسون مرسون ڌڀ نہ چرسون وارو جواب مشرف کي مخدوم صاحب ڏنو. پوء مخدوم صاحب محترمہ بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف جي وچ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو؛ جيڪا پهرين ميٽنگ محترمہ ۽ جنرل مشرف جي دبئي ۾ ٿي. ان کان پوء هڪ مسودو اين آر او جي شڪل ۾ آيو جنهن سان سڀني پارٽين کي فائدو رسيو خاص فائدو ان وقت جي مشرف جي بي ٽيم ايم ڪيو ايم کي گهڻو پهتو. پوء 2007 ۾ محترمہ جي جلاوطني ختم ٿيڻ جي راهہ هموار ٿي. ان وقت محترمہ نواز شريف کي بہ جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچڻ تي آماده ڪيو. 18 آڪٽوبر تي جڏهن محترمہ جلاوطني ختم ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي تہ عوام جو سمنڊ ڏسي محترمہ پنهنجي ڳوڙهن کي نہ روڪي سگهي. پوء ان استقبال ۾ محترمہ تي هڪ بزدلانہ قاتلاڻو حملو ٿيو جنهن محترمہ سلامت رهي ۽ ڪراچي جا روڊ جيالن جي رت سان رنگجي ويا. تقريبن اڌائي سو ڪارڪنن جان جو نذرانو ڏنو. ان کان پوء محترمہ تي لاهور ۾ شهيد ڪرڻ جو پلان ٺهيو جيڪو ناڪام ٿي ويو؛ محترمہ کي ان وقت ٿريٽس ايندا رهيا پر هو هڪ بهادر ليڊر جي ڌيء ۽ سنڌ جي مٽيء جي بهادر نياڻي هئي؛ راولپنڊي جلسي ڪرڻ لاء محترمہ کي روڪيو ويو پر محترمہ جلسي نہ ڪرڻ کان انڪار ڪيو؛ آخرڪار 27 ڊسمبر جي ڏينهن راولپنڊي لياقت گرائونڊ ۾ محترمہ کي شهيد ڪيو ويو. ان وقت ملڪ لاقانونيت جي طرف هليو ويو. پاڪستان تہ ڇا پر دنيا جي هر اک آلي نظر آئي. پوء پ پ پ جون واڳون ڪو چيئرمين جي حيثيت سان هاڻوڪو صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري سنڀالي ورتيون. مشرف جي دور جو زوال ٿيو ۽ پ پ پ گورنمينٽ ٺاهي. اها گورنمينٽ بہ گڏيل ۽ ڪمزور حڪومت ٺهي؛ پر صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسيء پهريو دفعو جهموريت کي پٽڙيء تي آندو ۽ پنج سال پ پ پ گورنمينٽ پورا ڪيا. اهو ڪريڊٽ بہ پ پ پ جي نالي ٿيو. 2008 ۾ پاڪستان دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ هيو؛ بجليء جو سنگين بحران هيو. 73 جي آئين ۾ وڏو بگاڙ هيو. پڙوسي ملڪ افغ…