پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

 پاڪستان فتح سيريز جي زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ميزائل جي رينج 120 ڪلو ميٽر آهي ۽ اهو تجربو جاري مشق انڊس جو حصو هو. تربيتي تجربي جو مقصد پاڪ فوج جي عملي تياري کي يقيني بنائڻ ۽ ميزائل جي جديد نيويگيشن سسٽم سميت انهي جي ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۽ درستگي کي جاچ ڪرڻو هو. اهو تجربو پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن سان گڏوگڏ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن به ڏٺو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف تجربي ۾  حصو وٺندڙ آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني. پاڪ آرمي جي آپريشنل تياري ۽ ٽيڪنيڪي مهارت مڪمل ڀروسي جوڳي آهي. ملڪ جي علاقائي سالميت خلاف ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بنائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ فتح ميزائل جي تربيتي لانچ جي ڪاميابي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف ۽ انهي جي تياري ۾ شامل سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته تربيتي لانچ جي ڪاميابي مان ظاهر آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي پيشوارانه صلاحيتن ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ ڀرپور تياري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.