پاڪستان: سان جلد معاهدي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: آءِ ايم ايف

عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي مشن چيف نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان سان جلد معاهدي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکيون وينديون.آءِ ايم ايف مشن چيف پاڪستان طرفان تازو ئي ڪيل ڪوششن جو به اعتراف ڪيو آهي. نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان پاليسين کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن. پاڪستان معاشي فيصله سازي سان قرض پروگرام جي معاملن ۾ بهتري ٿي. پارليامينٽ مان منظور ڪيل بجيٽ ۾ ٽيڪس آمدني وڌائڻ اهم قدم آهي. ٽيڪس آمدني وڌائڻ سان پاڪستان سماجي شعبي ۾ اڳڀرو ٿي سگهندو.هن چيو ته ٽيڪس آمدني وڌائڻ سان پاڪستان ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊز مهيا ٿي سگهندا. مانيٽري پاليسي ۾ سختي سان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. فارين ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ بهتري سان بيلنس آف پيمنٽ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکندو.