پاڪستان :مسلم ن جي طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ گلوب چونڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،

پاڪستان: مسلم ن جي طرفان پاڪ فوج جي حمايت ۾ گلوب چونڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن قومي جهنڊا ۽ اٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ،جڏهن ته ريلي پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي صدر خورشيد ميراڻي،جنرل سيڪريٽري اعظم خان،گل حسن کوسو،فراز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ريلي سان خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪ فوج جي اهم جڳهن تي حملي جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا،هڪ سازش تحت پاڪ فوج جي خلاف پروپیگنڊا ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون پاڪ فوج جي بيشمار قربانين کي نٿا وساري سگهون،جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن عمران خان جا فوٽو ساڙي سخت نعريبازي ڪئي