پاڪستان : پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت ملازمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ کين جائز حق ضرور فراهم ڪيا ويندا.هن اهڙو اظهار هن گزريل ڏينهن آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سکر جي ريجنل سيڪريٽري شجاعت علي گهمرو جي اڳواڻي ۾ وفد سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات دوران ڪيو، وفد ۾ نذر محمد ميمڻ، جاويد عباسي، خليل احمد ڊومڪي ۽ ٻيا به موجود هئا، ملاقات دوران وفاقي وزير. سيد خورشيد احمد شاهه سان مزدور اڳواڻ عبداللطيف نظاماڻي به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مزدورن جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،وفد وفاقي وزير آبي وسيلا خورشيد احمد شاھ کي مسئلن بابت ٻڌايو ته واپڊا جي پينل اسپتال وقت جي ضرورت آهي، سکر ۾ سيپڪو ۾ وڌيڪ ڀرتيون ڪيون وڃن ته جيئن لائن مينن، تان ڪم جو بار گهٽجي سگهي، سمورن مسئلن تي غور ڪيو وڃي ۔ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاھ وفد کي خاطري ڪرائي ته ملازمن کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ملازمن جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن ۽ انهن جو حل اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.وفد ان کان اڳ سيد خوريش شاھ جي فرزند سيد زيرڪ شاھ سان پڻ ملاقات ڪئي واپڊا يونين جي نئين چونڊيل عهديدارن جو تعارف ڪرائڻ سميت سيپڪو ملازمن کي در پيش مسئلن بابت آگاهي ڏني۔