پاڪستان: پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ پيپلز يوٿ سپاف (شھيد ڀٽو) ضلي سکر پاران ڀٽو

پاڪستان: پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ پيپلز يوٿ سپاف (شھيد ڀٽو) ضلي سکر پاران ڀٽو خاندان جي ڏاھي نياڻي عالمي ليکڪا محترمه فاطمه ڀٽو صاحبه جي 41 ھين سالگره (شھيد ڀٽو) پارٽي آفيس روھڙي ۾ جوش ۽ جزبي سان ملھائي وئي سالگره تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي ان موقعي پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) اڳوڻي صوبائي ڪلچرل سيڪريٽري دلمراد خان جتوئي, ضلعي صدر محمد عيدن خان جتوئي, فھد ڀٽو ايڊووڪيٽ ياسين جتوئي, ڪفايت ڪلھوڙو, وارث ڀٽو حمادالله جتوئي, امتياز جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان لاء خوشي جو ڏينھن آھي اسان جي محبوب قائد شھيد مير مرتضي’ ڀٽو جي بھادر نياڻي عالمي ليول جي ليکڪا محترمه بيبي فاطمه ڀٽو جي سالگره جو ڏينھن آھي