پاڪستان: پيپلز پارٽي ورڪر زاهد شاھ بخاري پي ٽي آئي جي ٽي وڪٽون ڪيرائي ڇڏيون پي ٽي آئي جي ٽن ورڪرن پارٽي کي الوداع چئي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سکر جي رهواسي موٽڻ چاچڙ۔بخت علي شاھ ۽ غلام شبير ليبر ڪالوني ۾ سکر هائوس جي ڪارڪن زاهد شاھ سان ملاقات ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري۔سنيئر سياستدان اسلام دين شيخ جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ان موقعي تي پ پ ۾ شموليت ڪندڙن جو چوڻ هو ته عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۽ عوام لاء ڪجھ به نه ڪيو ملڪ کي مهانگائي ۔بي روزگاري طرف ڌڪيو جنهن سبب اسان عمران خان کان مايوس ٿيا سين پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آھي هاڻي اسان جو جيئڻ مرڻ پيپلز پارٽي سان آھي۔سيد زاهد شاھ بخاري پي ٽي آئي ڪارڪنن کي پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي کين ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آھي جيڪا ملڪ ۽ عوام سميت ادارن جي مظبوطي لاء هميشه ڪردار ادا ڪندي رهي آھي سکر هائوس جا دروازا عوام لاء 24 ڪلاڪ کليل هوندا آھن جتي جيڪو به مظلوم ايندو آھي ان جو تعلق ڪنهن به جمائت يا رنگ نسل سان هجي پر اسلام دين شيخ ۽ سندس ٽيم جا ڪارڪن انهن جي خدمت ڪن ٿا سکر ۾ سينئر سياستدان ۽ عوام جو هڏ ڏوکي درد رکندڙ شخصيت اسلام دين شيخ ٻين جي قيادت ۾ پ پ مظبوط آھي پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي سکر جو عوام ان سان گڏ ۔ايندڙ چونڊن ۾ پهريان جيان هن ڀيري به ميدان ماريندي۔