اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غير قانوني افغانين جو انگ 7 لک کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي 17 آگسٽ کان 9 سيپٽمبر تائين 21 هزار 193 افغان شهري وطن واپس آيا، جن ۾ 7 هزار 843 مرد، 6 هزار 12 عورتون ۽ 7 هزار 338 ٻارڙا شامل آهن ياد رهي ته گذريل سال 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائن کانپوءِ پاڪستان مان صرف غير قانوني افغان شهرين جي باعزت واپسي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. چمن ۽ طورخم بارڊر تي روزاني جي بنياد تي سمورن سهولتن سان ليس ٽرانزٽ ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن پر هزارين افغاني پنهنجي وطن واپس وڃي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي سخاوت تي شڪريو ادا ڪري رهيا آهن.