پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهيون سڀاڻي کان 23 مئي تائين ٿينديون

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون گذريل هفتي مڪمل ٿي ويون. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ تي پاليسي سطح جون ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿينديون. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پاليسي ڳالهيون 23 مئي تائين جاري رهنديون. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي ڪل آمدني کي 2 ٽريلين رپين تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ذريعن موجب، هن سال پاڪستان جي موجوده آمدني لڳ ڀڳ 17.8 ٽريلين رپيا آهي. آءِ ايم ايف غير ترقياتي خرچن کي گهٽائڻ لاءِ سخت ڪنٽرول چاهي ٿو. پاڪستان کي ايندڙ مالي سال ۾ تقريبن 19 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي. آءِ ايم ايف انهن قرضن جي پائيدار ادائيگي تي زور ڏئي رهيو آهي. ذريعن موجب، پاڪستان تعميراتي صنعتن لاءِ خام مال تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان بجيٽ ۾ ملڪيت جي ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي به ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ايندڙ مالي سال لاءِ ملڪيت جي خريداري ۽ وڪري تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿينديون. پاڪستان آءِ ايم ايف وٽ سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز کڻي رهيو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي ٽيڪس کان جي ڊي پي جي تناسب کي 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي يقين ڏياريو ويندو. پاڪستان پگهاردار طبقي جي رليف لاءِ آءِ ايم ايف کي مختلف تجويزون پڻ پيش ڪندو.