پاڪستان: ۽ افغانستان جو دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار بابت تعاون تي اتفاق

پاڪستان: ۽ افغانستان وچ ۾ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ دهشتگردي جي خاتمي، معاشي ترقي ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغان پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي جي قيادت ۾ افغان وفد جو پرڏيهي آفيس اچڻ تي استقبال ڪيو.

پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ وفد جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان طرفان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وفد جي قيادت ڪئي. ڳالهين ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پاڪ افغان لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ڳالهين ۾ دهشتگردي جي خاتمي، معاشي ترقي، واپاري تعاون کي هٿي ۽ بارڊر مينجمينٽ ۽ سرحدن تي غيرقانوني نقل ۽ چرپر روڪڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.