پاڪستان: ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جو آخري ميچ اڄ کيڏيو ويندو

پاڪستان: ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جو آخري ميچ اڄ کيڏيو ويندو.نيوزيلينڊ سان 5 ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي چار ٻُڙي جي فيصلو ڪندڙ سوڀ حاصل آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) رينڪنگ ۾ پاڪستان کي پهريون نمبر مستحڪم رکڻ جي لاءِ اڄوڪو ميچ کٽڻ ضروري آهي.ياد رهي ته نيوزيلينڊ کان چوٿون ميچ کٽڻ کان پوءِ پاڪستان جي ريٽنگ پوائنٽس جو انگ 113 اعشاريه 483 ٿي ويو آهي. جڏهن ته آسٽريليا جا گڏيل ريٽنگ پوائنٽس 113 اعشاريه 286 آهن.آءِ سي سي رينڪنگ جي باضابطه شروعات کان پوءِ پاڪستان پهريون ڀيرو ٽاپ تي آيو آهي. آفيشنل رينڪنگ جي شروعات کان اڳ پاڪستان آخري ڀيرو آگسٽ 1991ع ۾ ٽاپ تي هو.