پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 12 مئي جي ٻنپهرن تائين جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو. دوست ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ڀارت طرفان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ جنگبندي جي خواهش جا پيغام پهچايا. ذريعن موجب پاڪستان علاقائي امن، استحڪام جي وسيع تر مفادن لاءِ انگي جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪيو. سرڪاري ذريعن موجب اهو تاثر اهم آهي ته انهي اڳڀرائي کي صحيح حوالي سان ڏٺو وڃي. ڀارت 7 مئي 2025ع کان پاڪستان جي خودمختاري جي مسلسل ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن سبب پوري خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو. انهي جي باوجود پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو. ڀارت جي ميزائل ۽ ڊرون حملن اڳ ئي غير مستحڪم سيڪيورٽي صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بنائي ڇڏيو. 9 ۽ 10 مئي جي رات دير ڀارت پاڪ فضائيه جي ڪيترن ئي اڏن ۽ هوائي اڏن کي ميزائل حملن جو نشانو بنايو اهڙن حملن جي جواب ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي آرٽيڪل 51 جي تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو جنهن به خودمختار ملڪ جي لاءِ پنهنجي سالميت ۽ علاقائي حدن تي سمجهوتو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. پاڪستان جو رد عمل پنهنجي زمين ۽ عوام جي تحفظ جي ارادن، حق ۽ صلاحيت جو اظهار هو. پاڪستان پنهنجا حدف حاصل ڪري ورتا آهن اسان پنهنجي دفاع کي ڪاميابي سان يقيني بنايو ۽ ڀارت کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجون حدون بحال ڪيون. ذريعن موجب ڀارت نيو نارمل قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيئن خطي ۾ پنهنجي بالادستي مڙهي سگهي پر پاڪستان سندس اها سازش ناڪام بنائي ڇڏي. پاڪستان چٽن لفظن ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته اسان ڀارت جي غيرقانوني ڪارروائين جي مذمت ڪريون ٿا. 7 مئي کان پوءِ ڀارتي قدم کلي جارحيت ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي برابر آهن. ڀارت جو رويو نه صرف گڏيل قومن جي چارٽرڊ پر عالمي ضابطن ۽ رياستن وچ ۾ لاڳاپن جي اصلن جي ڀڃڪڙي آهن. ڀارت جو جنگي جنون غير ذميواراڻو رويو، خطي جي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي، خاص طور تي جڏهن ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت هجن.