پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي گڏيل احترام ۽ تعاون تي بيٺل آهي: صدر آصف زرداري

: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فن ۽ ثقافت ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۽ تهذيبن کي ويجهو آڻڻ لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي گڏيل احترام ۽ تعاون تي بيٺل آهي.چينگڊو ۾ ٻئي گولڊن پانڊا ايوارڊز انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري عالمي ثقافتي هم آهنگي جي اهميت اجاگر ڪئي. تقريب ۾ چين جي سينيئر اڳواڻن، فنڪارن، ثقافتي نمائندن ۽ عالمي سفيرن شرڪت ڪئي.ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر زرداري ايوارڊز کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهڙيون تخليقي ڪوششون سرحدن کان مٿانهون ٿي انساني قدمن ذريعي ماڻهن کي ويجهو آڻين ٿيون. هن سيچوان صوبي جي حڪومت، چائنا فيڊريشن آف لٽريزري اينڊ آرٽ سرڪلز ۽ فورم جي ڪامياب ميزباني تي منتظمين جو ٿورو مڃيو.ن موقعي تي صدر آصف علي زرداري چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو ۽ سيڪريٽريٽ جي ميمبر، ۽ سي پي سي جي پبلسٽي ڊپارٽمينٽ جي وزير لي شرلي جي مهمان نوازي تي پڻ ٿورائتو ٿيو.صدر زرداري چيو ته پاڪستان چين جي ويزن جي مڪمل حمايت ڪندو آهي، جنهن ۾ گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو (GDI)، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو (GSI) ۽ گلوبل گورننس انيشيٽو (GGI) شامل آهن، جيڪي پائيدار ترقي، امن، عالمي تعاون ۽ تهذيبن جي وچ ۾ برابر تعلقن تي زور ڏين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين ايندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، جيڪا ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري سان گڏ ماڻهن جي وچ ۾ دوستيءَ جي مضبوط رشتن جو به زنده ثبوت آهي.صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان چين ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ثقافتي ڏي وٺ وڌائڻ، تخليقي صنعتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن زور ڏنو ته ثقافت امن، خوشحالي ۽ گڏيل انساني مستقبل لاءِ هڪ اهم اوزار آهي.چين جي صدر شي جن پنگ جي تعريف ڪندي صدر زرداري چيو ته چين ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل حل پيش ڪري دنيا لاءِ بهترين مثال قائم ڪيو آهي.