موسمياتي تبديلي جي منفي اثرات سبب ملڪ ۾ برساتون 40 سيڪڙو تائين گهٽ پيون آهن. تفصيل موجب ملڪ ۾ برساتون 40 سيڪڙو گهٽ پيون آهن جنهن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي بحران جو هڪ سئو سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. آبپاشي کاتي موجب سکر بيراج تي پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ٽنهي بيراجن تي گڏيل طور تي 65 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب گذريل سال اپريل جي پهرين هفتي ۾ سکر بيراج جي هنڌ تي پاڻي جي کوٽ 39 سيڪڙو هئي جيڪا هلندڙ سال 71 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ٽنهي بيراجن تي گڏيل طور تي پاڻي جي کوٽ 37 سيڪڙو مان وڌي 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.