پاڪ افغان سرحد ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جو سويپنگ آپريشن، وڌيڪ 17 خوارج مارجي ويا، انگ 71 ٿي ويو

 سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ڀرسان سويپنگ آپريشن ڪندي وڌيڪ 17 خوارج مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي حسن خيل جي ڏوراهين علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو جنهن ۾ 17 خوارج مارجي ويا. مارجي ويل خوارج پنهنجي ڀارتي آقائن جي چوڻ تي ڪارروايون ڪري رهيا هئا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل 17 خوارجن کان هٿيار، بارود، ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. اتر وزيرستان ۾ 3 ڏينهن جي ڪارروائي دوران هينئر تائين 71 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڏينهن جي آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز 54 خوارج مارجي ويا هئا، سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن ٿيل آپريشن جي فالو اپ ۾ اهو آپريشن ڪيو.