پاڪ بحريه جو اتر عربي سمنڊ ۾ گڏيل آپريشن، 26 ملين ڊالرن جي منشيات هٿ

تفصيل موجب پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ بحريه ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس ون ففٽي سان گڏجي اتر عربي سمنڊ ۾ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ٻيڙي مان 1.3 ٽن چرس هٿ ڪئي وئي، هٿ آيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 26 ڪروڙ ڊالر آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته آپريشن ۾ پي اين ايس ذوالفقار ۽ پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو جڏهن ته گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي نيوي جي جهاز ڪيريئر يو ايس ايس ابراهيم لنڪن مدد ڪئي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪستان نيوي جي جهازن به مدد فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته ٽاسڪ فورس جو مقصد غير قانوني سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي فروغ ڏيڻ آهي.