پاڪ–سعودي دفاعي معاهدو، آمريڪي سيڪيورٽي ضمانتن تي بي اعتمادي جي علامت قرار

پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل وڏو دفاعي معاهدو آمريڪي ٽي وي سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ رياض جو آمريڪا جي سيڪيورٽي ضمانتن تي بي اعتمادي جو اظهار قرار ڏنو آهي۔ وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رياض ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون۔ سي اين اين موجب اهو معاهدو رڳو ٻنهي ملڪن جي گڏيل فوجي لاڳاپن جو اظهار ناهي، پر قطر تي اسرائيلي حملي کان پوءِ عرب بادشاهتن جي آمريڪي سيڪيورٽي ضمانتن تي وڌندڙ بي اعتمادي جي به عڪاسي ڪري ٿو۔ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي جي اعلان جي ٽائمنگ انتهائي اهم آهي ۽ ان وقت ٿي جڏهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فیلڊ مارشل عاصم منير جو رياض ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو۔ سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ سعودي عهديدارن جو موقف به شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي معاهدو ڪنهن نئين واقعي جو ردعمل ناهي، پر سالن کان هلندڙ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو نتيجو آهي۔ معاهدي جي شقن تحت ڪنهن به هڪ ملڪ تي ٿيندڙ جارحيت ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندو ۽ گڏيل دفاع ذريعي ان جو مقابلو ڪيو ويندو، جنهن سان خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي وڌيڪ هٿي ملندي۔