پاڪ فضائيه جي زبردست جوابي ڪارروائي کان پوءِ ڀارتي جهازن جي تباهي جون شاهديون به سامهون اچي ويون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر 9 مئي 2025ع تي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ عالمي ميڊيا جي سامهون ڀارتي ڪوڙ جو پردو فاش ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب 6 ۽ 7 مئي 2025 جي رات پاڪ فضائيه ۽ ڀارتي جهازن جي وچ ۾ پاڪ ڀارت تاريخ جو ڊگهو مقابلو ٿيو. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تي ٻڌل انهي فضائي جنگ جي دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن 5 ڀارتي جهاز ڪيرايا. تباهه ڪيل ڀارتي جهازن ۾ 3 جديد رافيل جهاز، 1 مگ 29 ۽ هڪ ايس يو 30 شامل هئا. ڀارت روايتي هٺ ڌرمي ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺندي جهاز ڪيرائڻ جي خبر کان انڪار ڪيو. ڪجهه ڀارتي ميڊيا چينلز جهاز ڪرڻ وارين خبرن جي تصديق ڪئي جيڪا بعد ۾ مودي سرڪار هٽرائي ڇڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ سينئر ايئرفورس آفيسر گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڀارتي رافيل جهاز ڪيرائڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت پيش ڪيا، ثبوتن ۾ ڀارتي جهازن جا نمبرز ۽ تباهه ٿيڻ جي لوڪيشن به ڏيکاري وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارت موجب اسان جو ڪوبه جهاز ناهي ڪريو جڏهن ته ڀارتي ميڊيا پاڻ جهاز ڪيرائڻ وارين خبرن جي تصديق ڪري رهيو آهي. جهاز ڪرڻ جي پهرين خبر انڊيا ٽو ڊي جمون ڪشمير جي علائقي پاسپور کان ڏني. انڊيا ٽوڊي والاريل جمون وڪشمير جي 3 علائقن ۾ جهاز ڪرڻ جي تصديق ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فضائيه جا جهاز ڪرڻ جي فوٽيجز ۾ جهازن جو ملبو چڱي ريت ڏسي سگهجي ٿو. ڪيرايل جهاز جي(ٽيل) ڀارتي 17 گولڊن ايرو اسڪاڊرن رافيل بي ايس 001 جي آهي. فوٽيج ۾ تباهه ٿيل جهاز جي انجڻ کي به ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڀارتي جهاز جو آهي. اسان 21هين صدي ۾ رهي رهيا آهيون نه وري 18 صدي ۾ هر شيءَ پنهنجا نشان ڇڏي ويندي آهي. بي بي سي جي نمائندي واريل جمون، ڪشمير کان رپورٽ ڪندي چيو ته پامپور جي علائقي ۾ رات جو ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا جيڪي جهاز ڪرڻ جا هئا. اهڙو ئي هڪ ٻيو ڌماڪو جمون جي رام بن جي علائقي ۾ به ٿيو. ڀارتي صحافي پراوين سواهني به 6 ۽ 7 مئي جي رات جمون، ڪشمير ۾ ڀارتي فضائيه جي 3 جيٽ جهازن جي تباهي جون شاهديون ڏنيون. پراوين سواهني چيو ته انڊين ايڪسپريس ۽ دي هندو اخبار بهٽنڊا جي ڀرسان هڪ ٻئي ڀارتي جهاز ڪرڻ جي خبر ڏني. دي هندو چينل 40 منٽن کان پوءِ بهٽنڊا ڀرسان جهاز ڪرڻ جي خبر کي هٽائي ڇڏيو.