پاڪ فوج بهادري سان ڀارت کي جواب ڏنو، عالم ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪن: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت کي بهادري سان جواب ڏنو. عالم به ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪن. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت ڀارتي جارحيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪ فوج بهترين حڪمت عملي سبب ملڪ جو دفاع ڪيو، ملڪي دفاع تي پاڪ فوج کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا. حملن ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا، ڀارت مسجدن ۽ شهرين تي به ميزائل حملا ڪيا. پاڪ فوج بهادري سان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته اسان اڄ ملڪ ۾ يوم دفاع ملهائڻ جو اعلان ڪيو،  قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته پشاور ۾ 11 ۽ ڪوئٽه ۾ 15 مئي تي ملين مارچ ٿيندو. اسان پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. موجوده صورتحال ۾ هڪ ئي قومي بيان هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها جنگ آهي جنهن ۾ اڳڀرائي نٿي ڪري سگهجي. ديني مدرسن جي شاگردن کي پهرين صف ۾ وڃي وڙهڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سفارتي طور تي پاڙيسري ۽ دوست ملڪن کي انگيج ڪرڻ گهرجي ها. چين، سعودي عرب، افغانستان ۽ ايران ۾ سفارتي مشن اماڻڻ گهرجي ها، اسان جو ڪوبه سفارتي مشن پرڏيهه ۾ نه آهي صرف ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. هن عالمن کي چيو ته اهي ڀارتي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪن. بطور پارليامينٽ جي ميمبر طور سفارتي سرگرمين مان مطمئن نه آهيان. ڇا ڀارت اسرائيلي هٿيار پاڪستان جي خلاف استعمال نه ڪري رهيو آهي؟ ڀارت ۽ اسرائيل اتحاد اسان جي نشاني تي هجڻ گهرجي. جي يو آءِ(ف) جي سربراهه چيو ته اهوئي وقت آهي ته اسان پنهنجي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪريون.