پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي حمايت ۾ يومِ تشڪر ۽ جشن – ڊي سي آفيس ۽ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ ۾ تقريبون

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمورڪنڌڪوٽ آغا شير زمان ـ ايس ايس پي زبير نظير شيخ ـ پريس ڪلب جي صدر لياقت علي کوسو ـ ڊي ايڇ او ڪشمور ڪنڌڪوٽ سيد اعجاز علي شاھ جيلاني ڊي اي او پرائمري ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ سيد عبدالغفار شاہ جيلاني . قاضي اعجاز ـ شھري اتحاد ڪاميٽي پاران ڊاڪٽر ميھر چند ـ حافظ عبدالقادر سيال ـ گھنشام داس گيھاڻي ـ سينيئر صحافي بقا محمد بنگوار پاران يوم تشڪر/فتح جو جشن ڊي سي آفيس ۽ پريس ڪلب ۾ ڌار ڌار ملھايو ويو پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعرا ھنيا ويا ھنن چيو تـ پاڪ فوج بھادري جو مظاھرو ڪندي ھندستان کي ناني جي کير ياد ڏياريو ھنن چيو تـ اسان پاڪ فوج سان شانـ بشانـ پڻ گڏ آهي ھنن چيو تـ پاڪ فوج ـ پاڪ فضائيا جي جوانن دليري سان ڀارت مٿان جوابي حملو ڪري ھندستان جي غرور کي مٽي ۾ ملائي پوري ملڪ جو ۽ عوام جي شان کي پوري دنيا ۾ اوچو ڪيو آهي