سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جا قدرتي لنگهه ۽ ٻيلن تي ٿيل قبضا تباھي جو وڏو ڪارڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي قبضا ختم نه ڪيا ويا ته صورتحال موسمياتي خطري جي ٽائيم بم تي ويهڻ برابر هوندي. حيدرآباد ۾ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ ۽ برسات سبب ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو ويو. اڳواڻن چيو ته پاڻي جا قدرتي لنگهه هاءِ ويز، ڳوٺن، زرعي زمينن ۽ هائوسنگ اسڪيمون ٺهڻ سبب بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ٻوڏ جا نقصان وڌي رهيا آهن. آبادگار بورڊ جو چوڻ آهي ته پاڻي جا قدرتي رستا بحال ڪيا وڃن، قبضا ختم ڪيا وڃن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. گڏوگڏ حڪومت کي آبپاشي نظام ۾ تبديليون آڻي بيراجن ۽ بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس مطابق، رڳو عالمي امداد تي ڀاڙڻ بدران حڪومت کي عملي قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن مستقبل ۾ تباهي کان بچي سگهجي.