پختونخواهه سرڪاري زمين تي قبضي جو ڪيس: اسپيشل جج همايون دلاور جا گرفتاري وارنٽ جاري

سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ اسپيشل جج همايون دلاور ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.بنون جي جوڊيشل مئجسٽريٽ سرڪاري زمين تي غيرقانوني قبضي جي ڪيس ۾ اسپيشل جج ايف آءِ اي ڪورٽ اسلام آباد همايون دلاور ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. اينٽي ڪرپشن کاتي همايون دلاور، ان جي ڀاءُ صادق دلاور ۽ والد دلاور خان جا به عدالت مان گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن.داخل ڪيل ڪيس موجب جوابدارن عدالتي فيصلي ۾ جعلي لکت ذريعي زمين پنهنجي نالي ڪرڻ کان پوءِ هائوسنگ سوسائٽي ۾ شامل ڪئي جنهن سان حڪومت کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو.وڏي وزير جي خاص معاون مصدق عباسي موجب جج همايون دلاور، ان جي ڀاءُ ۽ والد فراڊ ۽ زمين جا  جعلي ڪاغذ ٺاهڻ ۾ ملوث آهن. جج همايون دلاور اڍائي ارب جي زمين پنهنجي ۽ ڀاءُ جي نالي ڪئي آهي جنهن جا ثبوت به موجود آهن.هن چيو ته سينئر جج همايون دلاور جي خلاف ڪيس چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻيو آهي. جج همايون دلاور جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ به شڪايت داخل ڪري رهيا آهيون.