پريالوءِ: اڳوڻو وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه، سيد ناصر شاهه، نواب وساڻ، نفيسه شاهه ۽ بچل شاهه جيلاني جو الرا بچاءُ بند جو دورو

پريالوءِ (رپورٽ) اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير نواب خان وساڻ، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه ۽ بچل شاهه جيلاني الرا بچاءُ بند جو دورو ڪيو. دوري دوران اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الرا بچاءُ بند کي ڪوبه خطرو ناهي ۽ موجوده صورتحال نارمل ٻوڏ جي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي وڏي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياريون ڪري ڇڏي آهن، وڏي وزير سميت سڄي ڪابينا بندن تي موجود آهي ۽ عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو ته عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سڀئي بند مڪمل طور محفوظ آهن. حڪومت جي پهرين ترجيح عوام جي جاني ۽ مالي تحفظ آهي. اڳوڻي ايم اين اي نواب خان وساڻ چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ عوام کي وسامون نه ڏينداسين، هر ضلعي ۾ انتظاميا الرٽ آهي ۽ بندن جي ويجهو رهندڙن جي حفاظت لاءِ قدم کنيا ويا آهن. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه ۽ بچل شاهه جيلاني به عوام کي يقين ڏياريو ته حڪومت ۽ عوام گڏجي ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. چونڊيل نمائندن جو چوڻ هو ته الرا بچاءُ بند مڪمل طور تي محفوظ آهي ۽ عوام کي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.