پريالوءِ (رپورٽر) بااثر شخص هڪ مهيني جي اوڌر تي ورتل موٽر سائيڪل جا 50 هزار رپيا نٿو ڏي نوٽيس وٺي پئسا ڏياري انصاف ڪيو وڃي پيرجوڳوٺ واسي نوجوان جو احتجاج ان حوالي سان پيرجوڳوٺ جي چادر بازار جي رهواسي نوجوان آصف علي ميمڻ پيرجوڳوٺ ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته مون پاڙيسري عبدالقيوم عباسي کي ون ٽو فاء 125 موٽر سائيڪل هڪ مهيني جي اوڌر تي ڏني هئي جنهن مان هن 50 هزار رپيا ڏنا هئا جڏهن ته بقايا 50 هزار رپيا نٿو ڏي هن چيو ته بااثر شخص عبدالقيوم عباسي بابت سڀني کي دانهن ڏني آهي پر ان جي باوجود هن ڏاڍ مڙسي ڪندي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته مان مسڪين ماڻهو آهيان نوٽيس وٺي پئسا ڏياري انصاف ڪيو وڃي