تفصيل موجب پريالوءِ جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي جا رهواسي منشاد ناريجو ۽ صاحب ناريجو ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ کوسا موچي وٽان ڳوٺ ايندي پوليس هٿان کنڀي گم، وارث عورتن جو بازيابي لاءِ احتجاج، عورتن دانهيندي چيو ته اسان مسڪين آهيون پوليس اسان جا نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن ڪوبه ڪمائڻ وارو ناهي بچيو کنڀيلن جا ٻچا بک تي ويٺا آهن، اسان جي ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آهي ته اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي