پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ جادل اوڍو مان سراج احمد اوڍو، عامر حسين اوڍو ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن عيدميلادالنبيﷺ جي سلسلي ۾ ھڪ وڏي عظيم عاليشان جشن ميلاد ريلي ڪڍي وئي.جشن ريلي ۾ سوين عاشقان رسول ﷺ جن شرڪت ڪئي.جشن ميلاد النبي ﷺ ريلي ۾ شريڪ بزرگ نوجوان. معصوم ٻار ھٿن ۾ جھنڊا کڻي ايڪوسائونڊن تي ھلندڙ نعتن تي جھومندا رھيا. ھر طرف مرحبا يا مصطفي! ﷺ جا نعرا گونجندا رھيا. جڏھن ته جشن ميلاد النبي ﷺ ريلي شھر جي مختلف چونڪن ۽ رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پريالوءِ تي پھتي. مولوي حبدار علي سڪندري ۽ ٻين مقررين جشن ريلي کي خطاب ڪيو. بعد ۾ جشن ريلي شھر جي مختلف ھنڌن تان ٿيندي واپس ڳوٺ حاجي جادل اوڍو، ۽ ڳوٺ ملھار اوڍو پهتي