پريالوءِ ويجهو هٿياربندن جي وڏي ڦر، شهري خوف ۾ مبتلا

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد پريل فقير اسٽاپ وٽ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري وڏي ڦر جي واردات ڪئي. هٿياربند محمد قاسم منڱڻيجو، راشد منڱڻيجو ۽ سڪندر بلوچ کي يرغمال بڻائي هڪ لک تيرنهن هزار رپيا هٿيارن جي زور تي ڦري فرار ٿي ويا. واردات دوران جڏهن متاثرن هٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جوابدارن بنا ڊپ جي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته حد جي پوليس روايتي ناڪاري جو مظاهرو ڪندي امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي. واقعي کان پوءِ علائقي واسين ۾ بيچيني ڇانئجي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هٿياربند ڏوهاري ڏينهن ڏٺي سرعام وارداتون ڪري رهيا آهن، پر پوليس سندن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي. علائقي واسين پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪري لوٽيل رقم واپس ڪرائي وڃي، ۽ علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. شهرين جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن پوليس پنهنجي ذميوارين کي نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا