پريالوءِ پيرجوڳوٺ جي وچ بازار ۾ بنا جواز تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻائيندڙ بااثر غلام حسين منڱيجو کي پوليس گرفتار نه ڪري

پريالوءِ :پيرجوڳوٺ جي وچ بازار ۾ بنا جواز تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻائيندڙ بااثر غلام حسين منڱيجو کي پوليس گرفتار نه ڪري گذريل ڏينهن ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ جي چيئرمين عبدالغفار ميمڻ پاران بااثرن مٿان رکيل 15 هزار ڏنڊ وارو فيصلو قبول نه آهي انصاف ڪيو وڃي ان حوالي سان پيرجوڳوٺ جي ڪلري محلا جي رهواسي ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ جي معذور ملازم عبدالسميع عرف شمن علي خاصخيلي احتجاج ڪندي چيو آهي ته چار ڏينهن اڳ پيرجوڳوٺ جي وچ بازار ۾ بااثر شخص غلام حسين منڱيجو کي دڪان اڳيان گاڏو بيهارڻ تان منع ڪئي هئي جنهن تي مڇرجي بااثر شخص غلام حسين منڱيجو تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو هو پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن پيرجوڳوٺ جي چيئرمين عبدالغفار ميمڻ مونکي گهرائي بااثر شخص مٿان 15 هزار ڏنڊ وڌو هو جيڪو مونکي قبول نه آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائيندڙ بااثر غلام حسين منڱيجو کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي