پريالوءِ ڀرسان الراجاگيرجي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملهاراوڍو ۾ اوڍا برادري جي راجا اوڍو ۽ غلام شبيراوڍو جي ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان شروع ٿيل خوني ويڙهه ڪري گذريل ڏينهن فائرنگ دوران قتل ٿيل مقتول غلام اصغراوڍو جو مڙهه هٿيارن جي ڇانو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . هوڏانهن ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي جي ڪري ٻنهي ڌرين جا هٿياربند هڪ ٻئي جي گهرن ڏانهن ڳرا هٿيارکڻي مورچا بند بڻيل آهن هوڏانهن قتل ٿيل مقتول غلام اصغر اوڍو جي وارثن جو ڇوڻ آهي ته راجا اوڍو ۽ ٻين بناجواز گوليون هڻي اسان جي ٻن ڀائر نوجوانن اصغر اوڍو ۽ غلام مرتضا اوڍو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو جنهن ۾ غلام اصغر اوڍو فوت ٿي ويو آهي پر پوليس هن مهل تائين ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي. هوڏانهن ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ خوني ويڙهه ڪري علائقو ويران بڻجي ويو