پريالوءِ : الرا اوڍا بند وٽ پيرسن جو گوليون لڳل لاش ڏسي علائقي واسين فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي ۽ پريالوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پريالوءِ ان سلسلي ۾ فيض محمد ٻنڊو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيرسن محمد عالم جتوئي جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي مقتول جو تعلق پريالوءِ لڳ ڳوٺ مير محمد جتوئي سان آهي