پريالوءِ ڀرسان ايل،بچاء بند سان زيرو پوائنٽ کان ڳاڙهي موري ويندڙ تازو رپيئر ٿيل روڊ ڇهن مهينن اندر هنڌان هنڌان اکڙي ويو،

پريالوءِ ڀرسان ايل،بچاء بند سان زيرو پوائنٽ کان ڳاڙهي موري ويندڙ تازو رپيئر ٿيل روڊ ڇهن مهينن اندر هنڌان هنڌان اکڙي ويو،ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ ۽ روڊ جي سائيڊن ۾ مٽي ( بنجون) نه لاهڻ سبب گذريل برساتن سبب خطرناڪ کڏا پئجي ويا آهن ،جنهن جي نتيجي ۾ حادثن جو خطرو وڌي ويو آهي انهيءَ سلسلي ۾ ڳوٺ ويرم خان مهر جي رهواسين ، حاجي خان مهر، رياض احمد مھر، حضور بخش ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار پاران پئسا بچائڻ لاءِ روڊ جو جڳاڙي ڪم ۽ ناڪس مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب صرف ڇهن مهينن ۾ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار روڊ جي سائيڊن ۾ مٽيءَ جي ڀرائي نه ڪئي آهي جنھن جي ڪري برسات سبب روڊ جي پاسن ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن جنهن جي ڪري روڊ سان ايندڙ ويندڙ مسافرن کي حادثا پيش اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي انهيءَ سلسلي ۾ ڳوٺاڻن طرفان ، وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته روڊ جي ٽٽل هنڌن جي مرمت ڪري پاسن ۾ مٽي جي ڀرائي ڪرائي پريشاني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو