تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ موڙوٽان نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر سامهون هلندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سروي آفيس خيرپور ملازم سينئر ڪلارڪ رياض احمد ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڪاهي موقعي تان فرار ٿي ويو هوڏانهن زخمي کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر هرا اسپتال پهچايو جتي زخمي ٿيل سروي ملازم رياض احمد ڀٽو زخمن جا سورنه سهندي فوت ٿي ويو هوڏانهن اطلاع ملڻ تي سروي آفيس خيرپورجا ملازم ۽ فوتي رياض احمد ڀٽو جا وارث اسپتال پهچي ويا جنهن بعد فوتي رياض ڀٽو جي وارثن مرحوم جو مڙهه اسپتال مان کڻائي سکر تيرچوڪ واري علائقي ۾ گهر پهچايو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو