پريالوءِ ڀرسان هٿياربندن پاران روڊ بلاڪ ايندڙ ويندڙ کان ڦرلٽ

پريالوءِ (رپورٽر) پريالوءِ ڀرسان هٿياربندن پاران روڊ بلاڪ ايندڙ ويندڙ کان ڦرلٽ، موٽرسائيڪل ،روڪ رقم ڦر، کوجي ڪتن زرعي ڦورن جا پيرا، ڳاڙهي موري ۾ لڳا تفصيل موجب پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني رڪجي نه سگهي ڦورون ۽چوريون روز جو معمول بڻيل گذريل رات جو نامعلوم چور هٿياربندن ڦورن لڳ روڊ بلاڪ ڪري ڳاڙهي موري جي راھواسين دلشير کيڙو، گلشير کيڙو، اڪبر ڪيھر، کي يرغمال بڻائي سي ڊي موٽر سائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم، ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد ڦرجي ويل ڳوٺاڻن کوجي ڪتن زريعي ڦورن جا پيرا کنيا جيڪي ڳاڙهي جي رھواسي دوست محمد مھر جي گھر ۾ ويهي رھيا جتان پوليس ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته اين سي داخل ڪئي وئي آهي