پريالوءِ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو

. هڪ هٿياربند زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان خيرپور پريالوءِ لنڪ روڊ خطرناڪ موڙ وٽ شاهه حسين ( سي سيڪشن ) پوليس ۽ هٿياربند ڦورن ۾ مبينا مقابلي بعد فائرنگ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري هڪ هٿياربند کي پوليس زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتارڪرڻ جي دعوا ڪئي . رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او فهيم خان ڦلپوٽو ٻڌايوته اسان کي اطلاع مليو ته ڏوهارين جو ٽولو ڪنهن وڏي ڏوهه جي ارادي سان ڄاڻايل روڊ تي بيٺل آهن جنهن بعد اسان پهتاسين ته ڏوهارين اسان پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جنهن بعد اسان پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا . پوليس موجب زخمي حالت ۾ پڪڙيل جوابدار جي سڃاڻپ صداقت عرف صدو پٽ مهراب وسطڙو طور ٿي ۽ سندس وٽان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون آهن . پوليس موجب گرفتارڪيل جوابدار خلاف پيرجوڳوٺ ۽ شاهه حسين ٿاڻي تي 4 ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ وڌيڪ ٻين ٿاڻن تان به رڪارڊ وٺي رهيا آهيون ته هن خلاف ٻين ٿاڻن تي ڪيترا ڪيس داخل ٿيل آهن