پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ ميرمحمد واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ مهينو اڳ انصاري برادري جي هٿياربندن جي ڪيل فائرنگ ۾ زخمي ٿيل راهب کنڀڙو جي ڪيس ۾ گهربل انصاري برادري جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس مٿان انصاري برادري جي جوابدارن ڇتي فائرنگ شروع ڪئي . جوابدارن جي ڪيل پوليس مٿان فائرنگ بعد پوليس معجزاني طور پچي پنهنجي جان بچائي واپس فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي موٽي آئي . پوليس موجب اسان ڪيس ۾ گهربل جوابدار اڪرم انصاري، محمد نواز انصاري سميت ٻين جي گرفتاري لاءِ انصارين جي گهر وٽ پهتاسين ته جوابدارن اسان پوليس مٿان فائرنگ ڪئي . پوليس موجب ضلعي خيرپور مان وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي آهي جلد پوليس مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتارڪنداسين