پريالوءِ: ڊاڪٽر غلام مصطفى سھاڳ پاران مختلف خاندانن سان تعزيت

پريالوءِ (رپورٽر) – تعلقو ڪينگريءَ جي همدرد شخصيت، اڳوڻو سيڪريٽري ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام مصطفى سھاڳ پريالوءِ پهچي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي ايڊيٽر استاد سجاد ميراڻي جي وڏي پٽ، پريس ڪلب پريالوءِ جي اڳوڻي صدر عبدالجبار ميراڻي جي ننهن عتيق الرحمن ميراڻي جي گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا گهري۔ ان کان پوءِ ڊاڪٽر غلام مصطفى سھاڳ ڦل ڳوٺ پهچي راڻو ڦلپوٽو سان سندس مامي جي وفات تي به تعزيت ڪئي ۽ پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو۔