پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ اوڍا برادري جي معزز شخصيت ۽ علائقي جي چڱي مڙس امان الله اوڍو سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جتي مختلف علائقن مان سياسي، سماجي ۽ برادري سان لاڳاپيل ماڻهو پهچي رهيا آهن۔ ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد حسين شاهه به ڳوٺ قائم الدين اوڍو پهچي امان الله اوڍو ۽ سندس ڀائرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو۔ هن مرحومه لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ وارثن کي صبر جي تلقين ڪندي چيو ته خوشي ۽ غم زندگيءَ جو حصو آهن، الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عطا ڪري۔ ٻئي طرف امان الله اوڍو ۽ سندس خاندان سيد حسين شاهه سميت ايندڙ همدردن جو شڪريو ادا ڪيو، جن ڏک جي گهڙي ۾ ساڻن ساٿ ۽ همدردي جو اظهار ڪيو۔