پريالوءِ ۾ فلسطيني مظلومن سان يڪجهتي ۽ آمريڪا اسرائيل جي بربريت خلاف احتجاجي ريلي

پريالوءِ مظلوم فلسطينن سان اظهار يڪجهتي ۽ آمريڪا اسرائيل جي بربريت خلاف پريالوءِ جي مسجد ابوطالب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، فلسطينن جي مظلومن سان يوم القدس جي سلسلي ۾ نڪتل ريلي جي اڳواڻي تنوير علي شاھ سيد ارشد سان، مولوي اشرف مولوي سهيل عباس ۽ ٻين شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندا پريس ڪلب پريالوء پهتا جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا اسرائيل مظلوم فلسطينن تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي پر افسوس جو مسلمان ملڪ سندن ڪابه مدد ڪانه ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسلام دشمن قوتون اسلام دشمني جي بنياد تي گڏجي ويا آهن پر اھل اسلام خاموش آهي مسلمانن جي قبل اول تي ڪافرن جو قبضو آهي جنهن جي اسان سخت لفطن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ فلسطينن جي مدد جي اپيل ڪريون ٿا