پريالوءِ ۾ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين خلاف خبرن تي ردعمل: صفائي عملي پاران نجي ٽي وي آفيس آڏو ڪچرو اڇلائڻ تي مذمت

ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي چيئرمين جي مبينا نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي بابت خبرون نشر ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي، صفائي واري عملي نجي ٽي وي آفيس پريالوءِ جي اڳيان گند ڪچرو اڇلايو پيو وڃي جيڪو صحافتي حلقن، شهرين ۽ سماجي تنظيمن پاران سخت لفظن ۾ مذمت جوڳي قرار ڏنو ويو آهي. صفائي عملي جا ڪجهه ماڻهو نجي ٽي وي آفيس اڳيان سرعام ڪچرو ڦٽو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ان دوران انهن پاران اهو پڻ چيو ويو ته “جيڪڏهن چيئرمين خلاف خبرون هلنديون ته صفائي بند ڪئي ويندي. صحافتي اداري نجي ٽي وي جي انتظاميا ان عمل کي صحافت تي سڌو سنئون حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ بي ڌڙڪ آواز اٿاري رهيا آهيون، جنهن جو اهڙو ردعمل افسوسناڪ ۽ خطرناڪ آهي. هي عمل اظهار جي آزادي تي حملو آهي. هوڏانهن شهرين به احتجاجي طور ٽائون ڪاميٽي جي اهڙي رويي خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته، جيڪا ٽائون ڪاميٽي گند کڻڻ بجاءِ پاڻ ئي گند اڇلائي رهي آهي، تنهن کان شهر جي صفائيءَ جي اميد رکي نه ٿي سگهجي. سماجي تنظيمن، وڪيلن ۽ شهر جي باشعور طبقي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،