پريالوءِ ۾ پوليس اهلڪار جو ڀتو وٺڻ جو اسڪينڊل، وڊيو وائرل

پريالوءِ: رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران پريالوءِ شهر ۾ دڪاندارن کان ڀتو وصول ڪرڻ واري پوليس اهلڪار ملان حفيظ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار کي دڪاندارن کان غير قانوني رقم وٺندي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به پوليس اهلڪار دڪاندارن کان زبردستي پيسا وٺي رهيا آهن، جنهن سبب غريب دڪاندار سخت پريشان آهن. شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ملان حفيظ ۽ ساٿارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري، دڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف، پوليس اختيارين هن معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته متاثر دڪاندارن اپيل ڪئي آهي ته انصاف ڪيو وڃي ۽ ڀتو وٺندڙ اهلڪارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن.