پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين وچم سڳاوتي تڪرار

پريالوءِ (رپورٽر ) پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين وچم سڳاوتي تڪرار تان ٻين ڌرين وچ ۾ جهيڙو فائرنگ هڪ ڀاء قتل ٻيو زخمي ڌرين وچم ۾ ڇڪتاڻ تفصيل موجب پريالوء جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملهارخان اوڍو ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين مامن ۽ ڀاڻيجن بشير احمد اوڍو ۽ راجا اوڍو واري ڌرين وچ سڳاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڌرين وچم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ٿيل ڇتي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب بشير اوڍو واري ڌر جا ٻه ڀائر غلام اصغر اوڍو ۽ غلام مرتضي پٽ غلام شبير اوڍو سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي سکر جي حرا ميڊيڪل سينٽر پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي غلام اصغر اوڍو فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس زخمي ڀاء جو علاج هلندڙ آهي نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس مقتول نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه سپتال پيرجوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ۽ ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻدايو ته جوابدارن ڀناجواز اسانجي ماڻهن تي حملوڪري ڇتي فائرنگ ڪري اسان جي ٻن نوجوانن کي زخمي ڪيو جن مان غلام اصغر وفات ڪري ويو آهي ۽ غلام مرتضي زخمي آهي جڏهن ته جوابدار وڌيڪ جاني نقصان پهچائڻ لاء دمڪيون ڏئي رهيا آهن . هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو اطهر علي مهر ٻدايو ته ڌرين وچم سڳاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي علائقي ۾ پوليس نفري پهتل آهي ۽ وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار گرفتار ڪنداسين