پريالوء : سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش (رجسٽرڊ) سنو چيئرمين محمد صالح ناريجو طرفان سنڌ جي اٺن ڏينهن واري تنظيم سازي جي سلسلي ۾ هو پنهنجي ٽيم سميت ٻنڊو فيض محمد ناريجو پهتو انھيء موقعي تي ٻنڊو فيض محمد جي ناريجا طرفان سنو چيئرمين ۽ سندس ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو تفصيل موجب سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش (رجسٽرڊ) سنو جي چيئرمين محمد صالح ناريجو پاران سنڌ م تنظيم سازي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ پنهنجي برادري جي ماڻهن تائين سنو جو پيغام پهچائڻ لاءِ هو پنهنجي ٽيم جي ميمبرن سميت سنڌ جي اٺن ڏينهن واري دوري دوران ٻنڊو فيض محمد ناريجو پهتو جنھن دوران ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو پهچي شهيد محمد عثمان ناريجو جي ڀائرن سان سندس جي مغفرت لاءِ قل شريف پڙهي دعا گهري جنهن کان پوءِ ايڊوڪيٽ غلام اڪبر ناريجو جي رهائش گاهه تي پهچي سندس والد مرحوم الهداد ناريجو جي وفات تي سندس سان تعزيت ڪئي وئي جنهن بعد ڳوٺ امام بخش ناريجو ۾ حاجي عزيز الله ناريجو جي رهائش گاهه تي پهچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي تنظيمي پروگرام کان آگاهي ڏني جنهن کان پوءِ ٻنڊو فيض محمد ناريجو جي سنو اڳواڻ حاجي محمد الدين ناريجو جي رهائش گاهه تي پهچي سندس جي مان جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي انهيءَ موقعي تي سنو چيئرمين محمد صالح ناريجو پاران ناريجا برادري جي معززين سان سنڌ ناريجا ويلفيئر جو پيغام پهچايو ۽ ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڻ ۾ سهپ ۽ برداشت پيدا ڪيون جهيڙا جهڳڙن ۾ مسئلن جو حل ناهن ڇوته ان سان تعليم پرائيندڙ ٻارڙن ۽ نوجوانن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو هن چيو ته توهان پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريو ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيو ۽ انھن ۾ شعور پيدا ڪيو باقي ڪير ڏاڍو آهي ڪير هيڻو ان سوچ مان ٻاهر نڪري اچو پاڙي جي سڀني برادرين سان لاڳاپن کي بهتر بڻايو ڇوته جهيڙن جڳهرن سان سڀني برادرين جو نقصان ٿئي ٿو جنهن ۾ امن امان معشيت ۽ تعليم جو سرشتو تباھ ٿي وڃي هن چيو ته علائقي جي معززین کي گھرجي ته هو پنهنجي ڪوششن سان علائقي ۾ هلندڙ ننڍا وڏا جهيڙا ۽ رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن انهيءَ موقعي تي چيئرمين سنو محمد صالح ناريجو سان نذير الحسن ناريجو، الهجڙيو ناريجو ،فضل الرحمان ناريجو، خير محمد ناريجو، محمد يوسف ناريجو، صيفل ناريجو حاڪم علي ناريجو ۽ سليم احمد ناريجو سميت ڪيترائي اڳواڻ گڏ هئا جڏهن ته انهيءَ موقعي تي حاجي محمد الدين ناريجو، حاجي جان محمد ناريجو، محمد فاروق ناريجو، حاجي محمد شريف ناريجو،ايڊ وڪيٽ غلام اڪبر ناريجو حاجي عبدالعني ناريجو وقار احمد ناريجو ۽صحافي محمد انور ناريجو ۽ ٻيا ڪيترائي برادري جا معزز ماڻهون موجود هئا جن سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش ۾ شامل ٿيڻ جو عزم ظاهر ڪيو جنهن کان پوءِ سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيش جا چيئرمين محمد صالح ناريجو بنڊو فيض محمد جي ڪامياب دوري کان پوءِ خيرپور لاءِ روانا ٿي ويا