پريالوء ڀرسان شاھ حسين پوليس پاران مينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتاري ڪرڻ

پريالوء ڀرسان شاھ حسين پوليس پاران مينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتاري ڪرڻ جي دعوا تفصيل موجب پريالوء ڀرسان شاھ حسين ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاھ حسين غلام عباس سندراني دعوا ڪئي ته ڏوهارين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي جيئن ئي پوليس پيرمنگيون لنڪ روڊ تي پهتي ته ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري آهي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ م هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايڇ او شاھ حسين غلام عباس سندراني ۽ سندس ٽيم مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت م ٽي ٽي پستل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ سنگين ڪيس ڦر، ڌاڙن ۽ چورين پوليس مقابلن جي ڪيسن م ملوث ڏوهاري طارق ولد لطيف ڏنو وساڻ طور تي ٿي آهي جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا پوليس مقابلي بعد زخمي حالت م گرفتار ڏوهاري کي سول اسپتال خيرپور علاج لاء نيو ويو