پريالوء ڀرسان قتل ٿيل پيرسن جا قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

پريالوء ڀرسان قتل ٿيل پيرسن جا قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام چار ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس قتل ڪيس داخل نه ڪيو ، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ، پوليس تي جوبدارن سان ٻٽ هئڻ جو الزام ، ڌرين وچ ۾ چڪتاڻ ، تفصيل موجب چار ڏينهن اڳ پريالوء ڀرسان اوڍا موڙ وٽ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پيرسن محمد عالم جتوئي جا قاتل توڙي مقتول جي اغوا ٿيل گهر واري نيسمه عرف مٺان خاتون جتوئي کي حد جي فيض محمد ٻندو پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي چار ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس روايتي راڃوڻي نموني جوابدارن جي گرفتاري توڙي مقتول جي گهر واري جي بازيابي لاء وڏيرن ۽ چڱن مڙسن کي منٿون ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته مقتول جو قتل ڪيس پڻ چار ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس مقتول جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو آهي جڏهن ته مقتول پيرسن جي وارثن محمد هارون جتوئي ، عطامحمد جتوئي محمد پهريل جتوئي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهو ڪندي صحافين کي ٻدايو ته اسان جو پيرسن محمد عالم جتوئي پريالوء ۾ گهر واري جو علاج ڪرائي واپس اچي رهيو ته اوڍا موڙ وٽ الرا برادري جي هٿياربندن کيس اغوا بعد قتل ڪري سندس گهر واري کي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن کي چار ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس نه ئي اسان جي پيرسن جا قاتل گرفتار ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي مقتول جي زال کي بازياب ڪرائي سگهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته الرا برادري جا چگامڙس علائقي ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ جيڪي تڪرار وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ ڌانهيو ته ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو هن وقت تائين ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ڪونه آهي مظاهرين ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪندي مقتول جي اغوا ٿيل مقتول جي گهر واري جي بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن پوليس الرا برادري جي هڪ وڏيري راجا خان الرو کي گرفتار ڪري فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي ۾ ويهاري ڇڏيو آهي