پريالوء ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ قائم الدين اوڍو هن جديد دور ۾ به مسئلن جي ور چڙهيل،

پريالوء ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ قائم الدين اوڍو هن جديد دور ۾ به مسئلن جي ور چڙهيل، اسڪول ۾ 500 کان وڌيڪ شاگرد فرنيچر جي کوٽ سڀ هيٺ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ سبب معصوم ٻارڙا سخت مونجهاري جو شڪار آهن اسڪول ۾ بجلي نه هئڻ ڪري اسڪول جا استاد توڙي تعليم پرائيندي شاگرد سخت گرمي ۾ ويهي پڙهي رهيا آهن اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب هڪ ڪلاس ميٽ 60کان 70 شاگردن پڙهڻ لڳا آهن ان سلسلي ڳوٺاڻن رابطو ڪري ٻڌايو ته اسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول قائم الدين اوڍو م هن وقت 500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن پر اسڪول م نه ئي بجلي آهي نه ئي ٿدو پاڻي جو ڪو بندوبست ٿيل آهي اسڪول جي معصوم ٻارڙن لاء فرنيچر ۽ ڪلاسن جي کوٽ هئڻ ڪري معصوم شاگرد هيٺ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ۽ هڪ هڪ ڪلاس ۾ 60 کان 70 ٻارڙن کي ويهاري تعليم ڏني وڃي ٿي ڳوٺاڻن تعليم جي صوبائي وزير ۽ ڊي سي خيرپور کي اسڪول فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي اسڪول م سهولتن جي گهر ڪئي آهي