پريالوء ۾ ٻوڏ، ريسڪيو ٽيمون ماڻهن جي مدد لاءِ سرگرم

پريالوء: سنڌو درياءَ ۾ وڌندڙ پاڻي سبب ڪچي جا علائقا متاثر ٿيڻ لڳا آهن، جتي ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔ ضلعي خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر فياض حسين راهوجو ۽ صوبائي وزير بحاليات مخدوم محبوب الزمان جي هدايت تي ڪچي ۾ ايمرجنسي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔ ايمرجنسي آفيسر تنوير احمد بلوچ موجب، ريسڪيو ٽيمون الرا جاگير بند، تنيا پل ۽ جمشير بند تي مقرر ڪيون ويون آهن، جتي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو پيو وڃي۔تازو آپريشن دوران 25 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا شامل آهن، کي ريسڪيو ڪيو ويو۔ بارازي ڳوٺ ۽ گل حسن منڱڻيجو (تعلقو ڪنگري) مان به ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻوڏ جي پاڻي مان ڪڍي منتقل ڪيو ويو آهي۔پريشن جي نگراني لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري سيد محمد علي شاهه به موجود رهيو۔ ريسڪيو ٽيمون ڪنهن به ايمرجنسي ڪال تي فوري ڪارروائي لاءِ تيار آهن۔ تنيا پل تي ٽيم جي اڳواڻي عاقب منگي ۽ شڪيل احمد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته رضاڪارن ۾ زاهد، رشيد، ثناءُ الله ۽ غازي شامل آهن۔ الرا جاگير بند تي عبدالفتاح، احسن، عنايت علي ۽ عامر علي پنهنجون خدمتون ڏئي رهيا آهن۔ ايمرجنسي آفيسر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو 1122 جون ٽيمون هر وقت الرٽ آهن ۽ متاثر ماڻهن کي بروقت رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔