پريالوء ۾ پنجاب پاران چولستان ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج

پريالوء ۾ کورکاڻي بلوچ برادري جي ماڻهن پاران سکر-پريالوء-پيرجوڳوٺ روڊ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شريڪ اڳواڻ حاجي منير احمد بلوچ، محڪم الدين بلوچ، اختر حسين بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي وفاق ۽ پنجاب سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته “وفاق پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿو. سنڌ جي عوام جي احتجاج باوجود پنجاب سنڌو درياء تي غير قانوني قبضي جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.” احتجاج ڪندڙن چيو ته عالمي قانون موجب سنڌو درياء تي پهريون حق سنڌ جو آهي، ۽ پنجاب کي ڪڏهن به سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين. احتجاج دوران مظاهرو ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته وفاق پنجاب کي سنڌو درياء تي قبضي کان روڪي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.